تربيلا – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪوششون ڪري رهيا آهيون، 10 سالن ۾ 10 نوان ڊيم ٺاهينداسين، مهمند ڊيم 2025ع ۽ ڀاشا ڊيم 2028ع ۾ مڪمل ٿي ويندو، جيستائين ڊيم نه ٺهندا اسان پاڻي کي ذخيرو نٿا ڪري سگهون. وزيراعظم اه??ن خيالن جو اظهار تربيلا 5 توسيع منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪوشش آهي ته 2030ع تائين پاڪستان ۾ ماحول دوست بجلي ٺهي، تربيلا جي توسيع منصوبي مان ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي، موجوده حڪومت 10 سالن ۾ 10 نوان ڊيم ٺاهيندي، جڏهن ته تعمير هيٺ مهمند ڊيم 2025ع ۽ ڀاشا ڊيم 2028ع ۾ مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ بجلي لاءِ مهانگا معاهدا ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت کي مهانگي بجلي خريد ڪرڻي پئجي رهي آهي، حڪومت پن بجلي ۽ شمسي توانائي مان بجلي ٺاهڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جو مسئلو درپيش آهي جنهن جي ڪري دنيا جي موسم تيزي سان گرم ٿي رهي آهي، جيڪب آباد هن وقت گرم ترين علائقو آهي، ٻيلن ۾ پهريون اه??ي طرح باهه نه لڳندي هئي جيئن هاڻي لڳي رهي آهي، روس، ترڪي ۽ يونان ۾ اه??ي طرح باهه لڳل آهي ا??ڙي ا??ساني تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهي لڳي، ان کان اڳ اه??يون ٻوڏون نه آيون جيئن هاڻي اچي رهيون آهي. هن چيو ته چين دنيا ۾ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، چين مستقبل جي اڳواٽ منصوبابندي ڪندو آهي، مستقبل جي لاءِ وقت کان پهرين منصوبابندي جي ضرورت آهي، هن چيو ته اسان اه??ي بجلي ٺاهيون جنهن سان گلوبل وارمنگ تي اثر نه پوي. وزيراعظم چيو ته تربيلا جي توسيعي منصوبي سان تربيلا ڊيم جي زندگي وڌي ويندي، صرف 4 ميل پ??ي مٽي آهي جيڪا ڊيم ۾ ڀرجي ويندي آهي ا?? توسيعي منصوبي سان ڊيم ۾ ايندڙ مٽي کي فليش ڪرڻ ۾ مدد مندي، داسو ۽ ڀاشا ڊيم جو وقت تي ٺهڻ به ضروري آهي ڇاڪاڻ جو ان سان تربيلا ڊيم ۾ مٽيءَ جو ڀرجڻ گهٽجي ويندو، جنهن سان ڊيم جي زندگي وڌيڪ ڊگهي ٿي وي??دي. وزيراعظم ان ڳالهه تي ا??سوس جو اظهار ڪيو ته اسان پهرين انهن شين جو ناهي سوچيو، ڀاشا ڊيم ٺاهڻ جو فيصلو 1984ع ۾ ٿيو هو. هن سوال ڪيو ته ڇا ماضي ۾ ڪنهن ۾ اڳتي جي سوچ نه هئي، ماضي جي حڪومتن شايد پنج پنج سال پنهنجي ا??يڪشن جو سوچيو ڇاڪاڻ جو ڊيم ٺهڻ ۾ وقت لڳندو آهي، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته تربيلا ڊيم جو پنجون توسيع منصوبو 807 ملين ڊالر جي لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي جنهن جي لاءِ عالمي بئنڪ ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ منصوبي جي تعمير لاءِ مالي مدد فراهم ڪري رهي آهي، اهو منصوبو ٽن سالن جي ننڍي مدي ۾ 2024ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، منصوبو جو بنيادي مقصد مستقبل ۾ تربيلا ڊيم کي مٽي ڀرجڻ جي خطرن کان محفوظ بڻائڻ آهي، منصوبي سان تربيلا ڊيم مان زرعي مقصدن لاءِ پائيدار بنيادن تي پاڻي جي دستيابي جاري ره??دي. تربيلا پنجين توسيعي منصوبي مان 1530 ميگاواٽ ماحول دوست ۽ سستي پن بجلي حاصل ٿي??دي. منصوبو هر سال نيشنل گرڊ کي هڪ ارب 34 ڪروڙ يونٽ سستي بجلي مهيا ڪندو. جڏهن ته تربيلا جي پنجين توسيعي منصوبي جي تعمير سان ملازمتن جا 3 هزار موقعا پيدا ٿيندا، منصوبي جي ڪري تربيلا مان بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 4888 ميگاواٽ کان وڌي 6418 ميگاواٽ ٿي ويندي، تربيلا پنجون توسيعي منصوبو پاڪستان جي پاڻي، خوراڪ ۽ توانائي جي ا??م ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.