اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسلامي ملڪن کي دهشتگردي ۽ اسلامو فوبيا جي حوالي سان وڏا چئلينجز درپيش آهن جن تي ويجهي تعاون ذريعي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، اسلامو فوبيا بابت دنيا جا تصور تبديل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ??م ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو عرب پارليامينٽ جي صدر ??ادل بن عبدالرحمان العسومي سان ڳالهائي رهيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ??سلامي ملڪن تي زور ڏنو ته اسلامو فوبيا جي حوالي سان دنيا جا تصور تبديل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ??م ڪريون. هن چيو ته گڏيل عقيدي ۽ ثقافت جي ??ري پاڪستاني عوام جو عرب ملڪن جي عوام سان قدرتي لڳاءُ آهي، پاڪستان وچ اوڀر جي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو ۽ خطي جي ملڪن سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي پاليسي جيو سياست کان جيو اقتصاديات طرف منتقل ٿي وئي آهي، اسان جي نئين پاليسي ترقي جي لاءِ حصيداري، سماجي اقتصادي ترقي ۽ خطي ۾ امن تي قائم آهي. صدر چيو ته پاڪستان خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. صدر ??ارف علوي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان ??ار??ن کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. صدر ??رب پارليامينٽ جي صدر کي ڀارتي عيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ مودي حڪومت جي جابراڻي پاليسين بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ مسلمانن جي نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي ۽ شهريت جي قانون ذريعي مسلمان آبادي کي گهٽ ڪري رهيو آهي. هن فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان عالمي قانونن موجب فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي عرب پارليامينٽ جي صدر چيو ته پاڪستان عرب دنيا جي لاءِ اهم ملڪ، مسلمان امت جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، اسلامي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسلامي دنيا کي گڏجي ??م ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن پاڪستان ۽ عرب دنيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته عرب پارليامينٽ ڄمون ۽ ڪ??مير تڪرار تي پاڪستان جي مو??ف جي حمايت ڪئي. عرب پارليامينٽ جي صدر پاڪستان جي حڪومت ??ار??ن شاندار استقبال ۽ ميزباني تي ٿورا مڃيا.