اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي سستي ۽ جلد انصاف جي فراهمي لاءِ وفاقي محتسب جي دائري ڪار کي سگهه ڏيڻ جي هدايت ڪن??ي چيو آهي ته سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف شڪايتن جي موثر ازالي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي محتسب س??د طاهر شهباز سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقع?? تي وفاقي محتسب ??در کي سالياني رپورٽ 2020ع پيش ڪئي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ??در جي هدايتن تي شروع ڪيل آگاهي مهم جي ڪري وفاقي محتسب کي رڪارڊ آن لائين شڪايتون مليون آهن. وفاقي محتسب کي 130112 شڪايتون مليون. وفاقي محتسب 2020ع ۾ 133521 شڪايتون اڪلايون. 70311 شڪايتن تي رليف ڏنو ويو جيڪي اڪلايل شڪايتن جو 50 سيڪڙو آهي. 2019ع جي ڀيٽ ۾ 7 ڀيرا وڌيڪ آن لائين شڪايتون مليون آهن.