اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ت?? عمران خان جو سدائين کان موقف رهيو آهي ت?? سينيٽ چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن، اليڪٽورل ووٽ جي امين ماڻهن کي عوام جو ووٽ غلط استعمال نه ڪرڻ گهرجي، اسا?? ڪيئن هڪ قانون کي گهربل شخص کي پاسپورٽ ڏئي مدد ڪري سگهون ٿا، ائين نه ٿو ٿي سگهي اسان سهولتڪار بڻجون ۽ نواز شريف ڪٿي ٻئي هنڌ هليو وڃي. هو صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سينيٽ چونڊن بابت ميڊيا حڪمت عملي ت?? ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن چي?? ته ماضي جي حڪومتن سي??ست ۾ پئسي جي ڪلچر کي عام ڪيو، اسان جو واضح موقف آ??ي ت?? پئسي جي سي??ست ختم ڪري اهليت ۽ ميرٽ کي فروغ ڏنو وڃي. هن چي?? ته سينيٽ چونڊن جي لاءِ اميدوارن جي حتمي فهرست اڄ شام تائين مڪمل ٿي ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? ته مريم نواز مڃي ورت?? ته پي ڊي ايم جو مستقبل اونداهي ۾ آهي، مريم نواز ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. هن چي?? ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي انهن کي اهڙيون بيماريون ڇو ٿيون لڳن جن جو پاڪستان ۾ علاج ممڪن نه آهي. هن چي?? ته مريم نواز اهڙي قسم جي بيانن سان ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي راهه هموار ڪري رهي آهي، حڪومت پاران مريم نواز کي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي اجازت قطعي طور نه ڏني ويندي.