اسلام آباد – 05 R11; جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪووڊ – 19 ويڪسين جي خريداري، پريس ڪائو??سل آف پاڪستان جي ميمبرن جي مقرري، ماهيگيري جي شعبي ۾ روانگي واپار جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ انسپيڪشن ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ پاڪستان ايڪسپو سينٽرز پرائيويٽ لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ مڇ بلوچستان واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ مزدورن، اسلام آباد ۾ پوليس جي فائرنگ سبب مارجي ويل اسامه ستي ۽ فوج جي شهيدن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي وئي، وزيراعظم جي صحت واري خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪابينا کي ڪورونا وبا جي تازي صورتحال تي بريفنگ ??ني?? ڪابينا پاڪستان ايڪسپو سينٽرز پرائيويٽ لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين جي مقرري جي منظوري ??ني?? ڪابينا ٽريڊ آرگنائيزيشن ايڪٽ 2013ع جي شق نمبر 21 تحت اپيلن تي فيصلو ڏيڻ لاءِ هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ??ني?? اها ڪميٽي ان وقت تائين مجاز هوندي جيستائين لاڳاپيل قانون ۾ ترميم مڪمل ڪئي وڃي، ڪابينا پريس ڪائو??سل آف پاڪستان جا ميمب?? مقرر ڪرڻ جي منظوري ??ني?? ڪابينا ملڪ ۾ ماهيگيري جي شعبي ۾ روانگي واپار جي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ انسپيڪشن ڪميٽي قائم ڪرڻ جي به منظوري ??ني?? اها ڪميٽي ملڪ ۾ قائم ٿيندڙ فش پراسيسنگ پلانٽ جي انسپيڪشن جا فرض سرانجام ڏيندي.