اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ايران جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر جواد ظريف م??اق??ت ڪئي. وزيراعظم ايراني پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي چيو ??ه پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد ?? ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ان موقعي تي وزيراعطم ڪوويڊ 19 جي ڪري ايران ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ??ه پاڪستان حڪومت پا??ان سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي ۽ ٻين قدمن جي ڪري پاڪستان ۾ وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي آهي.