اسلام آباد – 09 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان پاڪستان ڪاٽن جينرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر جاسو مل ٽي لي??اڻ?? جي سربراهي ۾ چار رڪني وفد پارلياميٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ سينيٽ چيئرمين کي پاڪستان ?? ڪپهه جي فصل جي پوکي ۽ پيداوار ۾ مسلسل گهٽتائي جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وفد سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان ?? ڪپهه مان تقريبن 15 ملين ڳٺڙيون بڻجڻ ٿيون، ڪپهه جي پوکي ۽ پيداوار ۾ مسلسل گهٽتائي جي ڪري ان جي تعداد 7 ملين تائين محدود ٿي ويو آهي ۽ معياري ٻج ۽ ج??يد مشينري جي عدم دستيابي جي ڪري آبادگارن ۾ متبادل فصلن جي پوکي جو رجحان وڌي چڪو آهي. آبادگارن ٻيا فصل پوکڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن جيستائين معياري ٻج جي نئين ورائٽي ۽ ج??يد مشينري جي دستيابي ميسر نه ٿيندي تيستائين بهتري ممڪن نه آهي.