اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽين??ٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته خنجراب کان اسلام آباد تائين نئين آپٽيڪل ڪيبل آپريشنلائيز ڪئي وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سندس چوڻ هو ته ٻئي مرحلي ۾ اسلام آباد کان ڪراچي ۽ گوادر تائين ڪيبلز وڇائي ويندي، آ??ٽيڪل ڪيبلز جو ڪم ڊيجيٽل هاءِ وي ??لان تحت ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته چين جي تعاون سان آءِ ٽي انقلاب جو بنياد رکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته سي پيڪ سان پاڪستان ۽ خطي ۾ خوشحالي ايندي. سي پيڪ جي فيز ون منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪيو پيو وڃي.