اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪر?? جي لاءِ ننڍي ۽ وچين درجي جي ڪاروبار ۽ زرعي شعبي جي مدد ڪر?? جي ضرورت آهي، سرڪاري شعبي جي ادارن جي سڌارن جو عمل تيز ڪرڻ گهرجي، سبسڊيز ڏي?? جي عمل تي نظرثاني جي ضرورت آهي، موجوده دور جي اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏي?? جي لاءِ مسئلن جي مڪمل حل جي ضرورت آهي، عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏي?? جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن، اڳتي سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام جي لاءِ ترجيحون ۽ هدف واضح هجڻ گهرجن ۽ منصوبا رڳو شروع ڪرڻ بدران انهن کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.