اسلام آباد – 06 اپريل (??ي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڪرونا وائرس جي عالمي وبا کان متاثر ملڪن جي اڳواڻن ۽ حڪومتي سربراهن کي خط لکيا آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين ڪرونا وائرس جي ڪري ٿيندڙ فوتگين ت?? پاڪستان ج?? پارليامينٽ ۽ عوام پاران گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪرونا وائرس هڪ غيرمعمولي عالمي چئلنج آهي، جنهن کان هر شخص متاثر ٿيو آهي. سينيٽ چيئرمين پاران لکيل خطن جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ??ن بحران سان جتي تباهي ٿي آهي اتي عالمي دنيا کي م??حد ٿيڻ جو هڪ منفرد موقعو مليو آهي. سينيٽ جي چيئرمين جرمن چانسلر، اسپين ۽ اٽلي جي وزيراعظمن کي خط لکيا ۽ پاڪستان پاران ه?? قسم جي معاونت جي آڇ ڪئي.