اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ چيو آهي ته اسلامي تعاون تنظيم او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي خصوصي نمائندي جو ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي حق ۾ بيان واکاڻ جو??و آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب والاريل ڪشمير جي حل ۽ او آءِ سي جي قراردادن تي عملدرآمد جي مطالبي جي آجيان ڪريون ٿا، اسلامي ملڪن جي نمائنده تنظيم جو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار انهن مظلومن جي لاءِ حوصلي جو سبب آهي. خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته او آءِ سي جي مسئلو ڪشمير تي ڪشمير??ن ۽ پاڪستان جي اص??لي موقف جي اڻٽر حمايت واکاڻ جو??ي آهي.