اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريا?? واري خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ توسيع بابت ڪيس جي تفصيلي فيصلي تي نظرثاني واري درخواست داخل ڪئي وئي آهي، اپيل ۾ اعلي عدليه جي فيصلي ۾ موجود قانوني جهولن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، نظرثاني اپيل کانپو??ِ به پارليامينٽ وارو آپشن موجود آهي، اي اين ايف راڻا ث??اءُ الله جي ضمانت جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني جي اپيل داخل ڪندي، ميڊيا ۾ ملزم جو نه اي اين ايف جو ٽرائل ٿي رهيو آهي، اي اين ايف اهم قومي ادارو آهي ان کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي، ج??الپور ڪينال جي تڪميل سان عل??ئقي ۾ خوشحالي جي نئين لهر ايندي. هو صحافين سان ڳالهائي رهي هُئي.