اسلام آ??اد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چي?? آهي وزيراعظم عمران خان اڄ به پاڪستان جي عوام ۽ دنيا ۾ مقبول ترين اڳواڻ آهي، جڏهن ڪو به عالم دين واعدي خلافي ڪند?? آهي ته اهو ناقابل معافي ڏوهه هوند?? آهي، پنهنجي عمل سان مولانا فضل الرحمان ثابت ڪيو ته کيس صرف اسلام جي ٺيڪيداري گهرجي ۽ اسلام جي اصولن سان سندس ڪو به ڏيڻ وٺڻ نه آهي، جنهن بغاوت جو جلسي ۾ اعلان ڪيو ويو اهو آئين سان غداري آهي، شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو اڄ مولانا کي پنهنجو اڳواڻ تسليم ڪري ورتو ۽ ثابت ڪيو ته انهن جي آواز تي عوام لبيڪ چوڻ لاءِ تيار نه آهي، ملين جي دعويٰ ڪندڙن جي ملين جي ڳالهه دم ٽوڙي وئي آهي ۽ هو پنهنجو پاور شو ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??هنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ ڪيو.