GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

مسلمان امت پنهنجي تاريخ جي هڪ اهم ٻه واٽي تي بيٺل آهي: پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي

image

اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي چيو آهي ته مسلمان امت پنهنجي تاريخ جي هڪ اهم ٻه واٽي تي بيٺل آهي، فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اسان جا ڀاءُ جابراڻي غيرملڪي قبضي ۾ آهن ۽ انهن جي بنيادي حق، خودمختياري جي حق کان انڪار ڪيو پيو وڃي، ڄمون ۽ ڪشمير او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جو گڏيل ڪاز آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪشمير تڪرار جو حل ضروري آهي، پاڪستان دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار آهي، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان افغانستان ۾ حالتن کي جلد کان جلد معمول تي آڻڻ جو خواهشمند آهي، عالمي برادري کي 25 ملين کان وڌيڪ بي سهارا ماڻهن کي مستقل انساني امداد فراهم ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيمرون جي شهر يائونڊي ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 50 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته مسلمان امت پنهنجي تاريخ جي هڪ اهم ٻه واٽي تي ٻڌل آهي، فلسطين سان گڏوگڏ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اسان جا ڀاءُ جابراڻي غيرملڪي قبضي ۾ آهن ۽ انهن جي بنيادي خودمختياري جي حق کان انڪار ڪيو پيو وڃي، مسلمان دنيا سميت سڄي دنيا ۾ ٽڪراءُ ڦهلجي رهيو آهي جيڪو غربت، دهشتگرد ۽ انتهاپسند گروهن ۽ ٻاهرئين مداخلتن جي ڪري ٿيو آهي، وڌندڙ اسلامو فوبيا اسان جي قومن ۽ مسلمانن کي هر جڳهه تي امتيازي سلوڪ، تشدد ۽ جارحيت جو نشانو بڻائي رهي آهي. هن چيو ته اسان جي چئلينجز کي طاقت جي وڌندڙ دشمنين، عالمي اقتصادي جمود، موسمياتي تبديلي جي اثرن سان گڏوگڏ عالمي يڪجهتي ۽ عدم تعاون سان وڌيڪ ڏکيو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان کي مسلمان امت کي درپيش انهن ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اتحاد ۽ عزم سان جواب ڏيڻ گهرجي. پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي چيو ته مقدس الاقصيٰ جي بي حرمتي او آءِ سي جي جوڙجڪ جو سبب بڻي، ان تنظيم جو چارٽر فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيل جي جاري وحشياڻي جارحيت ۽ اسلام جي مقدس ترين جاين ۽ علامتن جي خلاف ٿيندڙ توهين جو جواب ڏيڻ جي لاءِ پرعزم ڪارروائي جو حڪم ڏي ٿو، غزه ۾ اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي جنگ ۾ هيستائين 40 هزار کان وڌيڪ فلسطيني جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي شهيد ۽ اٽڪل 20 لک بي گهر ٿي چڪا آهن. هن چيو ته گيمبيا ۾ 15 هين اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۽ گذريل مهيني سعودي عرب ۾ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي غيرمعمولي اجلاس ۾ اسرائيل جي وحشياڻي ۽ جاري جارحيت جو جواب ڏيڻ جي لاءِ ڏورس فيصلا ڪيا ويا آهن، اسان کي پنهنجي اڳواڻن پاران متفقه هدف ۽ مقصد لاڳو ڪرڻ کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ هڪ واضح ۽ جرئتمنداڻو منصوبو تيار ڪرڻ ۽ غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي کي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته غزه جي لاءِ غيرمحدود انساني امداد کي يقيني بڻائڻ، اسرائيل کي ان جي مجرماڻي قتل عام ۽ ايران، لبنان ۽ ٻين رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي جو ذميوار قرار ڏي، تڪرارن کي پوري وچ اوڀر تائين ڦهلجڻ کان روڪڻ، فلسطين کي گڏيل قومن جي مڪمل ميمبر رياست جي طور تي تسليم ڪرڻ ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ قابل عمل، محفوظ، لڳولڳ ۽ خودمختيار رياست فلسطين جو قيام جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي ضروري آهي. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير به او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جو گڏيل ڪاز آهي، ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪشمير تڪرار جو حل ضروري آهي، ڀارت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي پنهنجي واعدن کان مُنهن موڙي رهيو آهي جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي علائقي جي حتمي فيصلي جو تعين ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ ريفرنڊم جي تجويز ڏني وئي آهي، 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير کي ضم ڪرڻ جي لاءِ هڪطرفا قدم شروع ڪيا آهن، ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڌيڪ عسڪري علائقن مان هڪ آهي جتي ڀارت قابض فوج عدالت کان مٿانهون قتل، گڏيل سزائون، ڪشميري اڳواڻن جي قيد سان گڏوگڏ آبادياتي تبديلين سميت انتهائي سخت قدم مڙهندي رهي ٿي، ڀارتي قبضي جي خلاف انهن جي دليراڻي مزاحمت اڻٿڪ آهي، اهي پنهنجي بنيادي حقن بشمول خودمختياري جي حق جو مطالبو ڪندا رهن ٿا. هن چيو ته ڪشمير تڪرار کي پرامن طريقي سان حل ۽ ڳالهين جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڀارت کي 5 آگسٽ 2019ع کان کنيل هڪطرفي قدمن کي واپس وٺڻ گهرجي. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڪنهن به قسم جي کل جوڳي ”چونڊون“ ڪرائڻ جي سمورين ڪوششن کي به رد ڪري ٿو، سلامتي ڪائونسل اهو اصول واضح طور تي بيان ڪيو آهي ته رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو حتمي فيصلو عوام جي مرضي موجب ڪيو ويندو جنهن جو اظهار جمهوري طريقيڪار جي ذريعي گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم ۾ ڪرايو ويندو، ڀارت کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي آڇ کي به قبول ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ سدائين خطرو آهي، ايستائين جو هڪ معمولي واقعو به وسيع تر تڪرار کي جنم ڏئي سگهي ٿو جيڪو خطرناڪ حد تائين وڌي سگهي ٿو، عالمي برادري ان خطري کي وڌيڪ نظرانداز ڪرڻ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان او آءِ سي جي سمورن ميمبر ملڪن جو ڪشميري عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت جي غيرقانوني قبضي ۽ هڪطرفي قدمن کي رد ڪرڻ جي لاءِ انهن جي اڻٿڪ حمايت تي انهائي ٿورائتي آهي، اسان کي يقين آهي ته هي ڪانفرنس ٺوس فيصلا ڪندي. هن او آءِ سي جي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ منظور ڪيل ڄمون ۽ ڪشمير تي ايڪشن پلان تي عملدرآمد سان گڏوگڏ ڀارت ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي انساني حقن جي خلاف ورزين کي ختم ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي. محمد سائرس سجاد قاضي چيو ته اسلامو فوبيا هڪ عالمي بحران طور اڀريو آهي جنهن جو سبب قرآن پاڪ جي بي حرمتي، مسجدن تي حملا ۽ مسلمانن جي خلاف امتيازي سلوڪ ۽ تشدد جون ڪارروايون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته اسان پنهنجي ئي پاڙيسريت ۾ اسلامو فوبيا جي سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ مظاهر کي ڏسي سگهون ٿا، ڀارت جي 200 ملين مسلمانن جي خلاف تشدد ”هندوتوا“ جي نظريي تحت ٿيو آهي، او آءِ سي جي ميمبر ملڪن اتحاد ۽ عزم جي ذريعي 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن جي طور تي ملهائڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد کي حاصل ڪيو، هن سال 15 مارچ تي جنرل اسيمبلي او آءِ سي جي هڪ ٻي قرارداد منظور ڪئي جنهن کي پاڪستان اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي قدمن بابت پيش ڪيو هو، ان ۾ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي خصوصي ايلچي جي مقرري جو مطالبو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت هڪ ڀيرو ٻيهر ڪَر کڻي علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، او آءِ سي جا سمورا ملڪ ۽ خطو دهشتگردي جي خطري جو مقابلو ڪن ٿا، مسلمانن کي نشانو بڻائيندڙ انتهائي کاٻو پاسو، فاشسٽ نظريا، هندوتوا ۽ اسلامو فوبڪ گروهه درپيش آهن. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار آهي، اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار ادا ڪيو آهي، بدقسمتي سان اسان کي پنهنجي سرحدن جي پار کان ٻاهرئين طور تي مالي امداد، اسپانسر ۽ حمايت يافته دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، او آءِ سي کي دهشتگردي جي سمورين شڪلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ حالتن کي جلد کان جلد معمول تي آڻڻ جو خواهشمند آهي، عالمي برادري کي 25 ملين کان وڌيڪ بي سهارا افغانين کي مستقل انساني امداد فراهم ڪرڻ گهرجي، اسان کي افغان معيشت ۽ بئنڪاري نظام کي بحال ڪرڻ جي قدمن بشمول انهن جي منجمد قومي اثاثن جي بحالي، منصوبابندي سان جوڙيل انفراسٽرڪچر ۽ ڪنيڪٽيويٽي جي منصوبن تي عملدرآمد ۽ آخرڪار پابندين ۾ نرمي ۽ سفارتي سڃاڻپ جي پڻ حمايت ڪرڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ افغان عبوري حڪومت کي عالمي برادري جي خدشن جو جواب ڏيڻ گهرجي، ٽي ٽي پي ۽ افغانستان ۾ رهندڙ ٻين دهشتگرد گروپن جي خلاف افغان عبوري حڪومت جي اعتماد جوڳي ڪارروائي افغانستان کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ جڳهه پيدا ڪندي ۽ علائقائي واپار ۽ رابطن جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي اسان جي ڪوششن جي حمايت ڪندي. هن چيو ته پاڪستان جي آفريقا جي ملڪن سان يڪجهتي، دوستي ۽ تعاون جي هڪ ڊگهي ۽ قابل فخر تاريخ آهي، دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ اسان انهن سان تعاون ڪنداسين، اسان گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ ۽ آفريقا ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار جاري رکنداسين. پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته او آءِ سي آفريقا سميت جديد امن قائم ڪرڻ ۾ مضبوط ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته اسان موجوده چئلينجن کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي نظام کي بحال ڪرڻ جي حمايت ڪريون ٿا، بشمول هڪ اصلاح شده گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جهڙوڪ او آءِ سي جي تازي سربراهي اجلاس ۾ اعلان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته توسيع شده سلامتي ڪائونسل ۾ اسلامي امت کي ڪنهن به زمري ۾ مناسب نمائندگي حاصل هجڻ گهرجي، ايندڙ سربراهي اجلاس اسان جي دور جي اهم چئلينجن کي منهن ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، گڏيل قومن کانپوءِ دنيا جي ٻي وڏي تنظيم جي طور تي او آءِ سي کي ان اهم ڪوشش خاص طور تي عالمي اقتصادي بحالي ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۽ ماحولياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي چيو ته مسلمان امت جي مفادن جو فروغ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ايندڙ ٻن سالن دوران اسلامي دنيا جي چئلينجز بشمول ڄمون ۽ ڪشمير، فلسطين ۽ وچ اوڀر، افغانستان، صوماليه ۽ ليبيا سميت ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فعال طور تي ڪم ڪندو. هن چيو ته اسان توهان جي حمايت ۽ تعاون جا منتظر آهيون ڇو ته پاڪستان اسلامي دنيا جي گڏيل چئلينجز ۽ مقصدن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

مضمون کا ماخذ : sorteios quina
متعلقہ مضامین
مزید خبریں