اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چ??ڌري ??واد حسين چيو آهي ته گڏيل عرب اما??ات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي، يو اي اي ۾ 16 لک پاڪستاني رهندڙ آهن جيڪي ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ٻي وڏي محفوظ جڳهه آهي، يو اي اي ڪوويڊ کانپوءِ سڀ کان وڏو ايونٽ ايڪسپو 2021ع منعقد ڪرڻ وڃي رهيو آهي جنهن تي ان کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. اها ڳالهه هن گ??يل عرب اما??ات جي سفير حماد عبيد ابراهيم الزابي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چ??و ته دبئي ۾ ٿيندڙ ايڪسپو 2021ع ۾ هن ڀيري ??نهنجي طرز جو هڪ منفرد پاڪستاني پويلين هوندو، واپار واري ??زارت ۽ اطلاعات واري ??زارت ان ايڪسپو ۾ شرڪت جي لاءِ ڀرپور تياري ڪري رهي آهي. خطي جي صورتحال بابت ڳالهائيندي اطلاعات واري ??فاقي وزير چ??و ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام خطي ??ي مفاد ۾ آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ??ي مخلصاڻي ڪوششون ڪيون. هن چيو ته ڪابل مان پرڏيهي شهرين جي انخلا ۾ اسان جي ڪردار کي پوري دنيا ساراهيو آهي. چوڌري ??واد حسين چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب اما??ات جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ ۾ يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. ان موقعي تي يو اي اي جي سفير چ??و ته گڏيل عرب اما??ات ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان خطي خاص طور تي افغانستان ۾ استحڪام جي لاءِ اڻٿڪ ڪردار ادا ڪيو جيڪو ساراهه جوڳو آهي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ، افغانستان ۽ خطي جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي ??ي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.