اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان مستحڪم اف??انستان جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، اسان خطي ۽ عالمي طاقتن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ اف??انستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو، دنيا ماضي جي غلطي کي ٻيهر ورجائي رهي آهي، اميد آهي ته پاڪستان جي قيادت ۾ ترڪيءَ ۽ علا??قا??ي طاقتن جي ڪوششن سان ٺهندڙ حڪومت جي عالمي طاقتون پڻ حمايت ڪنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان اف??انين سان گڏ ڪم ڪيو آهي، جڏهن اف??انستان مان روس نڪتو ته تمام گهڻا مسئلا پـٺتي رهجي ويا، هاڻي آمريڪا ۽ نيٽو فوج اف??انستان مان تيزي سان انخلا ڪيو آهي، هاڻي پاڪستان ان معاملي تي گهري نظر رکي آهي، پاڪستان اف??انستان جي حوالي سان ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سالن کان 35 لک اف??ان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، اسان جي معيشت وڌيڪ بار نه ٿي کڻي سگهي، ماضي ۾ اف??انستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو، دنيا ماضي جي غلطي کي ٻيهر ورجائي رهي آهي. هن چيو ته اف??انستان جي ڏکي صورتحال جي ڪري ٺوس ۽ مخلوط حڪومت ضروري آهي، اف??ان مسئلي جي حل لاءِ عالمي برادري جون ڪوششون ضروري آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته موجوده صورتحال جي ڏس ۾ اف??انستان کي شدت پسند تنظيمن جو مرڪز بڻجڻ نه گهرجي، پاڪستان مستحڪم اف??انستان جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، اسان خطي ۽ عالمي طاقتن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، اف??انستان ۾ بدامني نه رڳو پاڪستان پر دنيا جي لاءِ نقصانڪار آهي. هن چيو ته هن وقت پناهگيرن جو ڪو بحران نه آهي، اسان جي سرحدن تي معمول موجب ڪم جاري آهي، اسان ڪابل مان پرڏيهين ۽ غيرملڪي ادارن ۾ ڪم ڪندڙن کي ڪڍيو آهي، پي آءِ اي جي ذريعي 4500 ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍيو ويو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پناهگيرن جي لاءِ سرحد تي انتظام ڪيا آهن، اف??ان پناهگيرن جي حوالي سان ٺوس حڪمت عملي جوڙي آهي، ماضي وانگر صورتحال پيدا نه ٿيندي، دنيا ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مدد جي لاءِ اڳتي اچي. هن چيو ته اف??انستان بابت وزيراعظم عمران خان جي مشوري کي نظرانداز ڪيو ويو، اشرف غني اف??انستان ۾ عام چونڊون نه ڪرايون، ٺوس حڪومت نه جوڙي وئي، اهي ٻه قدم نه کڻن سان وڏا مسئلا پيدا ٿيا. هن چيو ته پاڪستان ڪوشش ڪري رهيو آهي ته اف??انستان ۾ ٺوس حڪومت جي حمايت ڪئي وڃي، روس، چين، پاڪستان ۽ اف??انستان تي ٻڌل ٽرائيڪا پلس اهم آهي، ان حوالي سان نار ملڪن ۽ ايران جو پڻ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي ان معاملي تي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۽ ترڪي اف??انستان ۾ امن جا خواهشمند آهن، اف??انستان ۾ حڪومت اف??انين کي جوڙڻي آهي، ان حوالي سان خطي جي ۽ عالمي طاقتن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جي قيادت ۾ ترڪي ۽ علا??قا??ي طاقتن جي ڪوششن سان ٺهندڙ حڪومت جي عالمي طاقتون به حمايت ڪنديون.