حيدرآباد – 19 جون (اي پي پي) ضلعي انتظاميا حيدرآباد پاران ??يدرآباد ڪلب قاسم آباد ۾ هڪ ڏينهن وارو ورچوئل مينگو شو منعقد ڪيو ويو. مينگو شو ۾ 20 کان وڌيڪ اسٽال لڳايا ويا ??تي سنڌڙي، سنهري، سونارو، لال بادشاهه، بيگن پالي، زافران، انور رٽول ، آبوسي، زردالو، پتاشو، رتم گولو، ڪاروديسي، جامن، انوکا سردا، لنگڙو، دسهري کان ??لاوه 100 کان وڌيڪ مختلف قسمن جا انب نمائش ۾ رکيا ويا. واضح رهي ته ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو جي فيس بڪ پيج تان پڻ مينگو شو سڌو سنئون ڏسڻ لاءِ انتظام ڪيو ويو هو. ورچوئل مينگو شو دوران ??ن لائن خصوصي طور خطاب ڪندي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ ضلعي انتظاميا حيدرآباد جي سٿ کي ??هترين مينگو شو منعقد ڪرڻ تي سندن واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته مينگو شو منعقد ڪرڻ جو مقصد انبن جي مختلف قسمن کي متعارف ڪرائڻ آهي ۽ موجوده ڪورونا جي وبائي صورتحال جي ڪري ورچوئل پروگرام منعقد ڪيو ويو آهي ته جيئن روايت کي ??رقرار رکي ??گهجي ۽ انبن جي مختلف قسمن کي متعارف ڪرائي وڌيڪ ناڻو ڪمائي سگهجي.