اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي سٽي منصوبو هڪ فليگ شپ مصنوبو آهي جيڪو معاشي ترقي ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ملڪ ۾ ماحولياتي تحفظ لاءِ جيڪي قدم موجوده حڪومت کنيا آهن انهن جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي. هن اهڙن خيالن جو اظهار راوي سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبن تي اڳڀرائي ??ي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ سي اي او راوي اربن ڊلپم??نٽ اٿارٽي وزيراعظم کي راوي سٽي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي، خاص طور تي بڊنگ جي آغاز، ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان تجويز ڪيل لائحه عمل، زمين حاصل ڪرڻ ۽ قاعدن ۽ ضابطن بابت لاڳاپيل معاملن کي فاسٽ ٽريڪ جي بنيادن تي اڪلائڻ ??ي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، راوي سٽي جي مختلف زونز جي ڊولپم??نٽ ۽ ٻاهرين سيڙپڪار ڪمپنين جي منصوبي ۾ گهري دلچسپي، خاص طور تي اڄ راوي سٽي جي هڪ زون جي لاءِ 5 مشهور سيڙپڪار گروپس طرفان بڊنگ جي آغاز ۽ مستقبل ۾ نئين زونز ۾ لينڊ ڊولپم??نٽ لاءِ عالمي ڪنسورشيم طرفان دلچسپي تي به اجلاس کي بريف ڪيو ويو. اجلاس کي راوي سٽي ۾ ٽيڪنالاجي زون ۽ نالج سٽي جي زونز جي ڊولپم??نٽ جي ڏس ۾ نجي شعبي جي سهڪار ۽ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن ??ي حوالي سان ٿيندڙ شروعاتي اڳڀرائي، ايشين ڊولپم??نٽ بئنڪ جي فنانسنگ سان ويسٽ اوٽر ٽريٽم??نٽ پلانٽ جي قيام، زمين حاصل ڪرڻ ۾ زمين مالڪن کي مناسب قيمتن جي ادائيگي جي ڏس ۾ معاملن ۾ فيصلائتي اڳڀرائي، گرين ايرياز جي قيام کي يقيني بڻائڻ ۽ مشهور يونيورسٽين سان راوي اربن ڊولپم??نٽ ينگ ليڊرز پروگرام تحت نوجوانن جي لاءِ ملازمت جي تجويز ڪيل پروگرام تي به وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.