اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا ان?? اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 547 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 18 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 36 هزار 899 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 690، پنجاب ۾ 13 هزار 754، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 25، اسلام آباد ?? 6 هزار 132، بلوچستان ۾ 841 ، گلگت بلتستان ۾ 240، آزاد ڪشمير ۾ 947 ٽ??سٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 26 هزار 674 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي ن?? آهي، جڏهن ته سڄ?? ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 806 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 234 مريض آهن. سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 65 هزار 927 آهي.