اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز انسان دوست ڊاڪٽر روٿ فائو جي ورسيءَ تي کيس خ??اج عقيدت پيش ??ند?? چيو آهي ته ڏکويل انسانيت، سماج ۽ پاڪستان جي لاءِ سند?? اڻٿڪ خدمتون تاريخ جو سنهري حصو بڻجي سدائين ياد رهنديون. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انسان دوست ڊاڪٽر روٿ فائو جي ورسيءَ تي کيس خ??اج عقيدت پيش ڪريون ٿا. سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڏکويل انسانيت، سماج ۽ پاڪستان جي لاءِ سند?? اڻٿڪ خدمتون تاريخ جو سنهري حصو بڻجي سدائين روشن رهنديون. اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته هن انهن سورن جي ستايل ماڻهن جي زخمن تي مرحم رکيو جن کي معاشرن قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.