اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جو اهو الزام دفن ٿي ويو آهي ته نگران حڪومت شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون نه ٿي ڪرائي سگهي، 2018ع ۾ اين اي 193 ۾ مسلم ليگ (ن) جو ڪو چونڊ اميدوار نه هو، گذريل ڏينهن پهريون ڀيرو ان تڪ مان 53 هزار ووٽ حاصل ڪي?? جنهن تي پنهنجي ووٽرز جا ٿورا مڃون ٿا ته انهن مسلم ليگ (ن) تي پنهنجي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته اڃا اڳتي ڏس?? ته ڇا ٿو ٿئي، گهڙيءَ چور فتنو کٽي وڃي ته فتح جو جشن ۽ هارائي وڃي ته اليڪشن ڪميشن ٻاهران ڌرڻو ۽ الزام. عمران خان جو اهو الزام دفن ٿي ويو آهي ته نگران حڪومت شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون نه ٿي ڪرائي سگهي. اطلاعات واري وفاقي ??زير چي?? ته اها وڏي ڪامياب?? آهي جنهن جو عمران خان اعتراف ڪري ورتو آهي. هن چي?? ته هڪ سيٽ جي ووٽ سان عدالت تي دٻاءُ وجهندا، ڌمڪي ۽ گاريون ڏيندا؟ فيصلو توهان جي حق ۾ نه آي?? ته عالمي سازش چيف جسٽس تائين پهچي ويندي. هن چي?? ته عوام ملڪ ۾ انصاف چاهي ٿي، نظريه ضرورت نه.