سرينگر – 31 – آگسٽ (اي پي پي) والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حريت پسند اڳواڻ سيد علي گيلاني جي پهرين ورسيء?? اڄ ملهائي ويندي، جڏهن ته سندس پهرين ورسي جي موقعي تي غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ پوسٽر هنيا ويا ??هن جن ۾ ماڻهن تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي پهرين سيپٽمبر خميس ڏينهن بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي ان کي خر??ج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ مڪمل هڙتال ڪن ۽ حيدر پوره طر?? مارچ ڪن. ڪشمير ميڊيا ??روس موجب سيد علي گيلاني گذريل سال پهرين سيپٽمبر تي ڀارتي پوليس جي حراست ۾ حيدر پوره سرينگر ۾ پنهنجي رهائش تي لاڏاڻو ڪري ويو هو جتي کيس هڪ ڏهاڪي ک??ن وڌيڪ عرصي تائين مسلسل نظربند رکيو ويو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس اڳ ۾ ئي پهرين سيپٽمبر تي مڪمل هڙتال ۽ حيدر پوره طر?? مارچ جي ڪال ڏئي رکي آهي.