اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن سروس اڪيدمي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”جعلي خبرن جو رجحان“ جي حوالي سان خصوصي مڪالمو منعقد ڪيو ويو. ميڊيا ماهر مسرور گيلاني جعلي خبرن جي منفي رجحان تي خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنه?? سان ميڊيا جي مختلف شعبن، تربيتي ادار?? سان گڏوگڏ سرڪاري آفيسرن جي وڏ?? انگ فائدو کنيو. مسرور گيلاني جعلي خبرن جي وجود بابت تفصيلي ڳالهائيندي غلط معلومات، غلط اطلاعات ۽ جعلي خبرن جي تعريف جي وضاحت ڪئي ۽ ان مسئلي ک?? ان جي صحيح ڏس ۾ سمجهڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن جعلي خبرن جي رجحان کي نفسياتي، مالي ۽ سياسي محرڪات سان ڳنڍيو. هن چيو ته جديد ۽ ضروري اوزار?? سان ليس خابرو ادارن ۽ ميڊيا گذريل سالن ۾ حق??قتن جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ هڪ طريقيڪار ۽ نظام جوڙيو آهي ته جيئن حق??قتن تي ٻڌل خبرن جي پهچ کي يقيني بڻائي سگهجي. هنFactChecker, FactkCheck.org,Snopes واشنگٽن پوسٽ جي هفتيوار بلاگ، سينٽ پيٽرز برگ ٽائيمز مان PolitiFact.com ۽ PunditFact کي حق??قتن جي ڇنڊڇاڻ ڪندڙ ادارن طور حوالو ڏنو. هن چيو ته اي ايف پي، اي پي، رائٽرز، بي بي سي ۽ ٻيا خابرو ادارا باقاعدگي سان فيڪٽ چيڪ رپورٽس شايع ڪن ٿا. اهڙي طرح پاڪستاني اخبارون دي نيوز، ڊيلي ڊان، ايڪسپريس ٽربيون، ڊيلي پاڪستان ۽ ڪجهه ٽيليويزن چينلز به حق??قتن جي ڇنڊڇاڻ ڪري رپورٽون شايع ڪن ٿا يا انهن جي ويب سائيٽس تي حق??قتن جي ڇنڊڇاڻ جو سيڪشن هوندو آهي. هن چيو ته تربيت هيٺ آفيسر انهن رپورٽس جو مطالعو ۽ انهن مان فائدو کڻي سگهن ٿا ته جيئن خبرن جي جائزي بابت انهن جي علم ۾ اضافو ٿي سگهي. بعد ۾ سوال ۽ جواب جو سيشن ٿيو جنهن دوران مسرور گيلاني سوشل ميڊيا تي رپورٽس ۽ تصويري مواد جي حق??قت جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ ڊيجيٽ?? ٽولز جي وضاحت ڪئي. سيشن جي پڄاڻي تي ڊي ج?? انفارميشن سروس اڪيڊمي مهمان مقرر ۽ ٻين تربيتي ادارن جي شرڪت ڪندڙن کي سووينئرز پيش ڪيا. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي مختلف ذيلي ادارن جي سينيئر آفيسرن به خصوصي مڪالمي ۾ شرڪت ڪئي.