اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد ??هباز ش??يف اڄ جمعي تي سنڌ صوبي ۾ سکر، روهڙي، خيرپور، فيض گنج، ڪوٽ ڏيجي ۽ ٺري ميرواهه جي ??وڏ سٽيل علائقن جو فضائي دورو ڪندو. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي جا نمائندا وزيراعظم کي ??وڏ متاثرين جي امداد ۽ تباهه ٿيندڙ انفرااسٽڪچر جي بحالي جي لاءِ جاري ڪمن تي بريفنگ ڏيندا. وزيراعظم امدادي ڪمن جو جائزو وٺڻ ۽ ??وڏ متاثرين جو حال ڄاڻڻ لاءِ انهن سان ملاقات ڪندو. تنهن کان پوءِ سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ چيف انجينيئر سکر بيراج ??ي وزيراعظم کي ??وڏ جي تباهه ڪارين جي با??ي ۾ تفصيلي بريفنگ ڏيندو.