اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف جي ايڊوائيس تي ڪراچي ۾ د??شتگردي سبب فوت ٿيندڙ چيني شهرين کي پاڪستان حڪومت پار??ن لاڏاڻي کانپوءِ تمغه پاڪستان ڏيڻ ??ي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ٽن چيني شهرين کي تمغه پاڪستان ڏيڻ ??ي ايڊوائيس صدر کي موڪلي ه??ي. ??يني شهري 26 اپريل 2022ع تي ڪراچي ۾ د??شتگردي جو نشانو بڻيا هئا. چيني استاد ڪراچي يونيورسٽي جي داخلي دروازي تي خودڪش ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويا هئا. ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ڪراچي جي ڊائريڪٽر هوآنگ گيوپنگ، تِنگ موفانگ ۽ ڇن سائي کي اعزاز ڏنو ويو آهي. چيني رهواسين کي چين پاڪستان دوستي جي لاءِ عظيم خدمتن جي اعتراف ۾ اعزاز ڏنا ويا.