اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪومت جي تبديلي جي مبينه سازش جي معاملي جي مڪمل جاچ تي زور ڏيندي چيو آهي ته حالتن ۽ واقعن تي ٻڌل ثبوت حاصل ڪرڻ سان به معاملي کي انجام تائين پهچائي سگهجي ٿو، عمران خان جو خط وزيراعظم پاڪستان ۽ چيف جسٽس کي موڪلي رهيو آهيان، چيف جسٽس معاملي جي جاچ ۽ ٻڌڻي لاءِ بااختيار عدالتي ڪميشن قائم ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي خط جو جواب ڏنو آهي جنهن ۾ حڪومت ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ مبينه سازش جي جاچ تي زور ڏنو ويو آهي. صدر چ??و ته هن آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير پاران موڪليل سائفر جي ڪاپي پڙهي جنهن ۾ آمريڪا جي پرڏيهي وزير جي مددگار ڊو??لڊ لو سان پاڪستاني سفارتخاني ۾ ٿيندڙ ملاقات ??ي باضابطه سمري موجود هئي. هن چ??و ته سائفر جي رپورٽ ۾ ڊو??لڊلو جا ڪجهه بيان شامل هن جنهن ۾ خاص طور تي وزيراعظم جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ، جو ??ڪر ڪيو ويو آهي، سائفر ۾ رٿ جي ڪاميابي جي صورت ۾ ”معافي“ ۽ ناڪامي جي صورت ۾ سنگين نتيجن جو به ??ڪر آهي، صدر چ??و ته پاڪستاني عوام کي وضاحت ڏيڻ ۽ معاملي کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ حالتن تي ٻڌل ثبوت رڪارڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر قومي سلامتي ڪميٽي جي ٻن اجلاسن جو به حوالو ڏنو جنهن ۾ ان ڳالهه جي توثيق ڪئي وئي هئي ته ڊو??لڊلو جا بيان پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ ناقابل قبول ۽ سراسري مداخلت ??ي برابر آهن ۽ حڪومت پاڪستان بجا طور ت?? هڪ ڊي مارش جاري ڪيو آهي، ڌمڪيون خفيه ۽ ظاهر ٻئي ٿي سگهن ٿيون، ان خاص معاملي ۾ غير سفارتي زبان ۾ واضح طور تي ڌمڪي ڏني وئي، صدر پنهنجي خط ۾ چ??و ته هو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته ان سان پاڪستان جهڙ?? هڪ آزاد ۽ خودمختيار قوم جي وقار کي شديد ٺيس پهتو آهي. صدر چ??و ته اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي خط ۾ ڌمڪي تي ممڪنه رد عمل ۽ اثرن جو ??ڪر ڪيو، هڪ خودمختيار، غيور ۽ آزاد قوم جي وقار کي شديد نقصان پهتو، معڪاملي جي تفصيلي جاچ ۽ تحقيقات جي ضرورت آهي، صدر چ??و ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪيتريون ئي سازشن جي تحقيقات بي نتيجا رهيون، ان سلسلي ۾ هن راولپنڊي ۾ پاڪستان جي پهرين وزيراعظم شهيد لياقت علي خان جي قتل، اگرتله سازش ڪيس، اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو سري عام خط لهرائڻ ۽ سندس خلاف سازش جي الزام، صدر ضياءُ الحق جي جهاز جي حادثي، اوجڙي ڪيمپ سانحي، ايبٽ آباد سازش ڪيس ۽ ٻين ڪيترن ئي واقعن جو ??ڪر ڪيو جيڪي بي نتيجا رهيا، هن چ??و ته عالمي سطح تي به سازشن جي تصديق ڏهاڪن کانپوءِ ڳجها دستاويز جاري ڪرڻ کانپوءِ ٿيندي آهي، ڊگهي عرصي کانپوءِ ڳجها دستاويز جاري ڪرڻ تائين ملڪن کي شديد نقصان پهچي چڪو هوندو آهي، صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حالتن ۽ واقعن تي ٻڌل ثبوت حاصل ڪرڻ سان به معاملي کي انجام تائين پهچائي سگهجي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته عمران خان جو خط وزيراعظم ۽ چيف جسٽس کي موڪلي رهيو آهيان، چيف جسٽس معاملي جي تحقيقات ۽ ٻڌڻي لاءِ بااختيار عدالتي ڪميشن قائم ڪري.