اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز مزار قائد جي معاملي تي هٿياربند فوج ۾ ??ود احتسابي عمل کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت ان فيصلي جو قدر ڪري ٿي، جيڪڏهن سنڌ پوليس وقت سر ايف آءِ آر داخل ڪري ها ته معاملو ايترو ڏکيو نه ٿئي ها، هاڻي سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته اها ٻڌائي ته ان دوران جن پوليس آفيسرن بغاوت ڪئي انهن جي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي آهي، سن?? ۾ ??ه قانون جي بالادستي نظر اچڻ گهرجي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپ??ءِ صحافين کي بريفنگ دوران پاڪ فوج جي ڪورٽ آف ??نڪوائري جي رپورٽ با??ت هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هٿياربند فوج هڪ منظم ادارو آهي، مزار قائد جي معاملي تي پاڪ فوج جي اندر ??ود احتسابي عمل حرڪت ۾ آيو آهي جنهن کانپ??ءِ ٻن آفيسرن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي.