اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سياسي اختلاف پنهنجي جڳهه تي پر رياست کي متحد رهڻ گهرجي، پاڪستان جيواسٽريٽجڪ اڪنامڪ حب آهي، حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي، قومي سطح ت?? عالم سڳورن سان سٺا رابطا آهن. نجي ٽي وي کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ ڪاميابيون ??اصل ڪيون، ڀارت هر فورم تي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ڪئي پر هو پاڻ ??ليل ٿيو.