اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) کي آر ايل اين جي سان هلندڙ سي اين جي اسٽيشنن کي نوان لائيسنس جاري ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي آهي، اجلاس ۾ ايس اين جي پي ايل کي اوڳاڙين ۾ اڳوڻي شارٽ فال جي ريڪوري ۽ سردي جي ايندڙ موسم ۾ آر ايل اين جي جي ڊ??ئيورزن ذريعي گهريلو ۽ ڪمرشل شعبن جي لاءِ گئس جي انتظام ۽ انصرام جي اجازت پڻ ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي ڪڻڪ جي وڌيڪ خريداري جي لاءِ ڪڻڪ جي قيمت جي حو??لي سان روس جي حڪومت سان ڳالهين جي لاءِ ناڻي ??ار?? سيڪريٽري، واپار ??ار?? سيڪريٽري ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ??ار?? سيڪريٽري تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين ??ار?? صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.