لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان راوي ري??ر فرنٽ اربن ڊولپمينٽ منصوبي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي ا??لا?? جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي پنجاب جي چيف سيڪريٽري جواد رفيق ملڪ وزيراعظم کي منصوبي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب بريفنگ دوران وزيراعظم عمران خان منصوبي تي عملدرآمد دوران ماحولي??تي تحفظ ۽ واٽر ڪنزرويشن جي لاءِ سختي سان عملدرآمد جي خاص تاڪيد ڪئي. وزيراعظم چيو ته هي منصوبو پنجاب جي معيشت ۽ لاهور شهر جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ مشڪل معاشي صورتحال ۾ هن منصوبي سان ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته راوي ري??ر فرنٽ پراجيڪٽ سان لاهور جي رهواسين جي لاءِ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم عمران خان ا??لا?? کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ترقي??تي منصوبن جي حوالي سان هر رڪاوٽ ترجيحي بنيادن تي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن هدايت ڪئي ته پراجيڪٽ جي مڪمل ٿيڻ دوران ماحولي??تي ن??ام تي منفي اثر نه پون ۽ واٽر ڪنزرويشن جو پڻ خاص خيال رکيو وڃي.