اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته خوا??ه آصف جو بيان ڀريل پيٽ فارسي ڳالهائڻ جي برابر آهي، خواجه صاحب کي غريبن جو احساس نه آهي نه ته اهو بيان نه ڏي ها، پوري قوم معيشت جي خرابي جو ذميوار ماضي جي ڪرپٽ حڪمرانن کي سمجهي ٿ??، معيشت ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ خواجه صاحب پنهنجي قيادت کي راضي ڪري ته اها ٻاهرئين ملڪ رکيل پنهنجو سرمايو پاڪستان واپس آڻين. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ينيٽر شبلي فراز پنهنجي بيان ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان قوم ۽ ملڪ جي م??اد ۾ فيصلا ڪري رهيو آهي، هو پهرين ڏينهن کان هڪڙي ڳالهه چئي رهيو آهي ته قوم کي ڪورونا کان به محفوظ رکڻو آهي ۽ انهن کي بک کان به بچائڻو آهي.