اسلام آباد – 22 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت پنهنجي ذ??يو??رين کان آگاهه آهي، عوام اسان تي اعتماد ڪ??ي ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪري، ملڪ ۾ لاڪ ڊائون سان غريب ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقو متاثر ٿيندو، ذخيره اندوزي ۽ افراتفري سان وڌيڪ نقصان ٿيڻ جو خطرو آهي، گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي، ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جو وڏو ذخيرو ??وجود آهي، شهرين کي ??اڻ قرنطينه طرف وڃڻ گهرجي، ميڊيا موجوده صورتحال ۾ موثر ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن قوم کي خطاب ڪندي ڪيو.