فيصل آباد – 03 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??يڙپڪاري کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، ترقي لاءِ صنعتون قائم ڪرڻ، روانگي واپار وڌائڻ، زرعي پيداوار ۾ اضافي، سياحت جي فروغ ۽ فني تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏيڻو پوندو، سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن، کين مناسب ماحول فراهم ڪيو پيو وڃي، غربت ۾ گهٽتائي لاءِ چين جا قدم اسان لاءِ مثال آهن، نيب قانونن ۾ تبديلي کانپوءِ ب??ور?? ڪريسي وٽ هاڻي ڪو به بهانو نه هوندو، ڪم تيز ڪرڻو پوندو، پنجاب ۾ ڪو به قاتل، ڌ??ڙيل ۽ مافيا نظر نه اچن گهرجي، خصوصي اقتصادي زونز تي ڪم تيزي سان مڪمل ڪيو وڃي.اهڙن خيالن جو اظهار هن علامه اقبال انڊسٽريل اسٽيٽ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي ??قر??ب کي خطاب ڪندي ڪيو.