اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح 44 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچڻ تي شڪر ادا ڪندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جاري ٿيڻ سان معيشت ۾ وڌيڪ استحڪام ايندو. وز??را??ظم مهانگائي جي سيپٽمبر مهيني ۾ ساليانو شرح 6.9 سيڪڙو ٿيڻ تي حڪومت جي معاشي ٽيم ??ي پذ??را??ي ڪئي آهي. آگسٽ 2024ع ۾ 34 مهينن ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو تي آئي، سيپٽمبر 2024ع ۾ گذريل 44 مهينن ۾ مهانگائي جي گهٽ ترين شرح 6.9 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب الله جي فضل ۽ ڪرم سان عوام سان ڪيل وچن ??ي پاسداري ۾ ڪاميابي ملڻ شروع ٿي وئي. وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو ته مهانگائي جي شرح 6.9 سيڪڙو ٿيڻ سان عام ماڻ??و کي ريليف ملندو، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ پڻ لاڳيتو گهٽتائي سان عوام کي ريليف ملي رهيو آهي. هن چيو ته وياج جي شرح گهٽ ٿيڻ سان ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو، مهانگائي جي شرح کي 2025ع تائين 7 سيڪڙو تائين آڻڻ جي هدف جو 2024ع ۾ ئي حاصل ٿيڻ ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پهرين ڏينهن کان عوامي ريليف جي لاءِ قدمن کي اولين ترجيح بڻايو، پاڪستان جي ڊيفالٽ جي خواهش ڪندڙن جو منصوبو ناڪام ٿيو، پوري قوم گذريل سالن ۾ هڪ گروهه جي نااهلي جي ڪري مشڪلاتون ڏٺيون، ملڪي معيشت مستحڪم، سفارتي لاڳاپا مضبوط ۽ عام ماڻهو جي خوشحالي جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام جاري ٿيڻ سان معيشت ۾ وڌيڪ استحڪام ايندو. وز??را??ظم چيو ته پاڪستان جي ترقي جو سفر 2018ع ۾ جتي بيٺو هو، اتان ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي.