ثمرقند ??? 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزئيوف سان ملاقات ڪئي آهي. وزيرا??ظم آفيس ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ثمرقند ۾ ٿي. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري ۽ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف پڻ وزيرا??ظم سان گڏ هئا.