اسل??م آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن سيمينار جو ”عورتون ترقي جي ايجنڊا جو مرڪز آهن“ جي ??وضوع تي پلينري سيشن پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. انساني حقن بابت پارلياماني سيڪريٽري سيده نوشين افتخار صدارت ڪئي. پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي عورتن جي ??مائنده ڊاڪٽر فهميده مرزا، ڊاڪٽر نفيسا شاهه، ڪشور زهره، ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، پارلياماني ڪاڪس جي ??مائنده شاهده رحماني ۽ هراسمينٽ بابت وفاقي محتسب ڪشمالا طارق شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت ڪندڙ سيده نوشين افتخار سيشن کي ??گاهه ڪيو ته ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ عورتن جي ڪم ڪرڻ جي حق ۽ ڪم جي جاين ت?? غيررسمي ۽ روزگار جي کوٽ وڏيون رڪاوٽون آهن. هن چيو ته 20 اسرندڙ ايشيائي ملڪن ۾ عورتن جي افرادي قوت جو اٽڪل 40 سيڪڙو حصو آهي پر ان مان رڳو 14.4 سيڪڙو اعليٰ انتظامي عهدن تي فائز آهي جڏهن ته عالمي سراسري 27.9 سيڪڙو آهي. ڪشمالا طارق خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان هراسمينٽ جي خلاف اڳتي وڌي رهيو آهي. گذريل چئن سالن ۾ اسان 5000 ڪيسز حل ڪيا آهن ۽ ايستائين جو اعليٰ عملدارن تائين کي معطل ڪيو ويو آهي جن ۾ يورپ ۾ مقرر هڪ سفير ۽ پوليس آفيسر کي هراسان ڪرڻ جي الزام ۾ سزا ڏني وئي. پاڪستان پهريون ملڪ هو جنهن مخصوص سيٽن تي عورتن جي ??مائندگي شروع ڪئي ۽ هاڻي پارليامينٽ جو 30 سيڪڙو حصو عورتن تي ٻڌل آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ پي يو کي مردن جي برابر جنرل سيٽن تي عورتن جي ??مائندن کي فروغ ڏيڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته جڏهن ڪنهن ملڪ پاران عورتن کي ??ااختيار بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون ته پاڪستان ان سلسلي ۾ دنيا سان شا??ل هوندو. پاڪستان ۾ عورتن جي شڪايتن جي داخلا ۽ ازالي جي ??اءِ جديد ترين ويب سائيٽ شروع ڪئي آهي. گڏيل قومن جي ??اڪستان ۾ عورتن بابت نمائنده هڪ تفصيلي پريزنٽيشن پيش ڪئي جنهن ۾ تازي ٻوڏ دوران متاثر ٿيندڙ عورتن جي خراب حالت ۽ قانونسازي جي عمل ۾ عورتن جي ??دد جي ??اءِ پاڪستان پاران کنيل قدمن تي روشني وڌي وئي. عورتن جي ??ارلياماني ڪاڪس پاران شاهده رحماني اجلاس کي ??طاب ڪندي چيو ته ڪاڪس عورتن، کدڙا فقيرن ۽ خصوصي ضرورتون رکندڙ ماڻهن جي حقن کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. هن چيو ته پارليامينٽ جي بزنس ۾ عورتن جو حصو 70 سيڪڙو آهي.