اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف ??سٽيٽ جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 15 ۽ 16 سيپٽمبر تي ثمرقند، ازبڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان پاران جاري بيان موجب وزيراع??م محمد شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جي دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اجلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن ۽ مبصر ملڪن جي سربراهن کانسواءِ ايس سي او جي مختلف تنظيمن جا سربراهه ۽ ٻين خاص مه??ان شرڪت ڪندا. ڪائونسل آف هيڊز آف ??سٽيٽ شنگهائي تعاون تنظيم جو سڀ کان اعليٰ فورم آهي جيڪو تنظيم جي حڪمت عملي، امڪانن ۽ ترجيحن تي غور ۽ وضاحت ڪري ٿو. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي، خوراڪ ۽ توانائي جي حفاظت ۽ پائيدار سپلائي چين سان گڏوگڏ اهم عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي غور ڪيو ويندو جڏهن ته اهڙن معاهدن ۽ دستاويزن جي پڻ منظوري ڏني وي??دي جيڪي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي مستقبل جي رخ جو تعين ڪندا. وزيراع??م محمد شهباز شريف سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ اجلاس جي موقعي تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ٻين شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. 2001ع ۾ قائم ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۾ پکڙيل هڪ وڏي علائقائي تنظيم آهي. شنگهائي تعاون تنظيم جا ميمبر ملڪ مجموعي طور تي دنيا جي اٽڪل اڌ آبادي ۽ عالمي اقتصادي پيداوار جو چوٿون حصو آهن. شنگهائي تعاون تنظيم جو امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ انفراسٽرڪچر، اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي شعبن ۾ بهتر رابطن جي ڳولا جي ايجنڊا خطي ۾ اقتصادي رابطن سان گڏوگڏ امن ۽ استحڪام کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پنهنجي ويزن سان هم ??هن?? آهي. پاڪستان 2017ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻجڻ کانپوءِ کان ايس سي او جي مختلف ميڪانزم ۾ پنهنجي شرڪت ذريعي تنظيم جي بنيادي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.