نيويارڪ – 19 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ٻطرفي حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته پاڪستان ترڪيءَ سان اقتصادي تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آه??. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي ترڪ هم منصب موولت ڪاوو سوگلو سان عالمي تحفظ خوراڪ جي لاءِ حڪمت عملي جي حوالي سان منعقد وزارتي اج??اس جي م??قعي تي م??اقات دوران ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ شاندار ۽ ٻطرفي حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان جي ترڪيءَ سان پنهنجي وسيع البنياد تعاون وڌائڻ جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته هن سال نومبر ۾ پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 75 هين سالگرهه کي ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو. هن ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ترڪيءَ جي اصولي م??قف تي ترڪ حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن ترڪ پرڏيهي وزير کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدمن ۽ نام نهاد حدبندي ڪميشن جي حوالي سان پاڪستان جي م??قف کان آگاه ڪيو. هن مختلف عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ افغانستان ۾ انساني بحران کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ ترڪيءَ جي حمايت کي ساراهيو. هن ترڪيءَ سان اقتصادي تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.