اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهبا?? شريف صوبن پاران ڪڻڪ جي ??ريداري جا هدف پورا نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صوبا پهرين جون تائين ڪڻڪ جي ??ريداري جا هدف حاصل ڪن، ٻاهران درآمد ٿيندڙ ڪڻڪ جي ??وبن ۾ شفاف ورڇ لاءِ فوري ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، سياست کان مٿانهون ٿي ڪري وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا حڪومت جي ??ه هر ممڪن مدد ڪندي، اجلاس ۾ وفاقي وزير طارق بشير چيمه، مريم اورنگزيب، لاڳاپيل ڊويزن ۽ کات?? جا آفيسر شريڪ ٿيا، جڏهن ته صوبائي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ??ريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته قوم جو هڪ پئسو بچائڻ حڪومت جو فرض آهي، ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود آهي، جيتوڻيڪ صوبا ذخيره اندوزي جي ??لاف قدم کڻن، عوام کي ڪنهن به صورت ۾ مشڪل ۾ نٿو وجهي سگهجي، وفاقي حڪومت هر صورت ۾ گهٽ قيمت ۾ اٽو فراهم ڪندي، وفاقي حڪومت هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته صوبا پهرين جون تائين ڪڻڪ خريد ڪرڻ جا هدف پورا ڪري، سياست کان مٿانهون ٿي ڪري وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا حڪومت جي ??ه هر ممڪن مدد ڪندي. غريب عوام جي ??دمت اولين فرض آهي. وزيراعظم نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي ته ٻاهران درآمد ٿيندڙ ڪڻڪ جي ??وبن ۾ شفاف ورڇ لاءِ فوري ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، وزيراعظم چيو ته سستي ۽ بهترين معيار جي ڪڻڪ درآمد کي يقيني بڻايو وڃي. سڀني يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽي جي 10 ڪلو جي قيمت 490 روپيا برقرا?? رکي وڃي، اوپن مارڪيٽ ۾ به باقي صوبا انهي قيمت کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻن.