اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪابينا جي قومي سلامتي ڪميٽي جو 38 هون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران ملندڙ ٽيلي گرام تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خواجه محمد آص??، راڻاءُ ثناءُ الله، مريم اورنگزيب، احسن اقبال، مملڪتي وزير حنا رباني کر، جوائنٽ ??يف?? آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل نديم رضا، چيف آف آر??ي اسٽاف جنرل قمر جاويد ??اجوه، چيف آف نيول اسٽاف ايدمرل محمد امجد خان نيازي، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر، آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير اسد مجيد ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. قومي سلامتي ڪميٽي واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران ملندڙ ٽيلي گرام تي غور ڪيو. اڳوڻي سفير اسد مجيد ڪميٽي کي پنهنجي ٽيلي گرام جي مواد بابت بريفنگ ڏني. قومي سلامتي ڪميٽي مواد ۽ ڪميونيڪيشن جي جاچ کانپوءِ قومي سلامتي جي گذريل اجلاس جي فيصلن جي توثيق ڪئي. قومي سلامتي ڪميٽي کي پريميئر سيڪيورٽي ايجنسيز ٻيهر ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته انهن کي ڪنهن سازش جو ڪو ثبوت ناهي مليو. قومي سلامتي ڪميٽي ڪميونيڪيشن جو جائزو ۽ سيڪيورٽي ايجنسين پاران ملندڙ جائزن ۽ پيش ڪيل نتيجن مان اهو نتيجو اخذ ڪيو ته ڪا غيرملڪي سازش ناهي ٿي.