اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ??ريف سان پاڪستان ۾ بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد ملاقات ڪئ??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بحرين جي سفير وزيراعظم شهباز ??ريف کي بحرين جي قيادت پاران وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. بحرين جي سفير پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻي ۽ دوستاڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته بحرين پاڪستان سان بطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم شهباز ??ريف بحرين جي قيادت پاران مبارڪباد واري پيغام تي بحرين جي سفير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان بحرين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اه??يت ڏي ٿو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪانلاجي، افرادي قوت ۽ غذائي تحفظ س??يت مختلف شعبن ۾ تعاون جي امڪانن ۽ ٻطرفي اقتصادي رابطن کي مستحڪم بڻائڻ جي اه??يت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم بحرين جي حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي وبا جي مشڪل وقت ۾ پاڪستاني برادري جي سارسنڀال تي ٿورا مڃيا. هن اسلام آباد ۾ ڪنگ حماد نرسنگ يونيورسٽي اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز اسپتال جي منصوبي جي پڻ آجيان ڪئ??، جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جو اظهار آهي. بحرين ۾ تمام وڏي انگ ۾ سمنڊ پار پاڪستاني رهن ٿا ۽ پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ گڏيل عقيدي ۽ قدرن جي بنياد تي ويجها دوستاڻا لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان ويجهي حصيداري ۽ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙي دلچسپي رکن ٿا. پاڪستان ۽ بحرين گذريل سال پنهنجي سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 50 هين سالگرهه پڻ ملهائي هئي.