اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جي ڏيڍ ارب مسلمانن کي ڪنهن بلاڪ ۾ ورڇ ۽ تڪرارن ۾ الجهڻ جي بدران امن جي لاءِ پنهنجي طاقت ظاهر ڪرڻ گهرجي، بنيادي ايشوز تي او آءِ سي کي هڪ متحد فرنٽ بڻائڻو پوندو، اسان تڪرارن جا امن جا حصيدار آهيون، دنيا ۾ اسلام رڳو هڪ ئي آهي، اسلامي قدرن کي جيتري قدر خطرا هن وقت آهن ماضي ۾ نه هئا، انهن جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻڻا آهن، عالمي قانون گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي باوجود فلسطين ۽ ڪشمير جي مسلمانن کي انهن جي بنيادي حق کان محروم رکيو پيو وڃي، اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي لاءِ 15 مارچ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي تاريخي قرارداد جي منظوري مسل??ان امت جي وڏي ڪاميابي آهي، مسل??ان ملڪن کي پنهنجي پ??ڏيهي پ??ليسي م ڪور ايشوز تي متفق ٿي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، روس يوڪرين جنگ ۾ او آءِ سي ثالث جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ان تڪرار سان دنيا ۾ پيٽرول ۽ ڪڻڪ سميت جنسن جون قيمتون وڌي رهيون آهن، هڪ مستحڪم افغانستان عالمي دهشتگردي کي روڪڻ جو واحد رستو آهي. هو اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پ??ڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. ڪانفرنس کي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طح??، اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر سلي??ان الجاسر، سعودي عرب جي پ??ڏيهي وزير فيصل فرحان بن السعود، چين جي پ??ڏيهي وزير وانگ يي، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، قازقستان جي نائب وزيراعظم، تيونس جي پ??ڏيهي وزير کانسواءِ ٻين پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته توهان هڪ اهڙي وقت ۾ هتي موجود آهيو جتي اسان پ??ڪستاني پنهنجو 75 هون آزادي جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏانهن ملهائڻ جي قرارداد جي گڏيل قومن ??ان منظوري هڪ وڏي ڪاميابي آهي، ان تي اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي پ??ڏيهي وزيرن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. 15 مارچ تي اهو ڏينهن ملهائڻ جي چونڊ ان لاءِ ڪئي وئي ته 15 مارچ تي ئي نيوزيلينڊ ۾ هڪ هٿياربند شخص مسجد ۾ داخل ٿي 50 مسلمانن کي شهيد ڪيو. ان جو سبب اهو هو ته هو سمورن مسلمانن کي دهشتگرد سمجهندو هو. نائن اليون کانپوءِ بدقسمتي سان اهرو بيانيو ٺاهيو ويو جنهن ۾ اسلام کي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي سان ڳنڍيو ويو. مسل??ان ملڪن ان بيانيي جي تدارڪ جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو، اسلام ڪيئن دهشتگردي جي برابر ٿي سگهي ٿو، ڪو ملڪ مسلمانن جي وچ ۾ جدت، روشن خيالي ۽ انتهاپسندي جي بنياد تي ڪيئن فرق ڪري سگهي ٿو، مسل??ان ملڪن کي ان تي بيهڻ گهرجي ها، جڏهن ته اسان جي اڪثر رياستن جي ان وقت مسل??ان حڪمرانن ان تي ٺوس موقف اختيار ڪرڻ بدران پنهنجو پاڻ کي روشن خيال ۽ اعتدال پسند قرار ڏنو جنهن سان بدقسمتي سان اهو تاثر بڻجي ويو ته اسلام ۾ لبرل، ماڊريٽ ۽ ريڊيڪل مختلف قسمون آهن پ?? اسلام رڳو هڪ ئي آهي ۽ اهو محمد عربي خاتم النبيين ﷺ جو اسلام آهي. هن چيو ته اسلام کي دهشتگردي سان ڳنڍڻ جي عمل سان سڀ کان وڌيڪ اولهه ۾ مسل??ان متاثر ٿيا. اتي هر دهشتگردي کانپوءِ فوري الزام اسلام تي لڳايو ويو. هن چيو ته ڪو معاشرو ڪيئن ڪجهه جنونين جي حرڪت جو ذميوار ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي غلطين ??ان نه سکنداسين ته اڳتي نه وڌي سگهنداسين. وزيراعظم چيو ته 1989ع ۾ شيطاني آيتن جي نالي سان هڪ مسل??ان گستاخانو ڪتاب لکيو، ان کانپوءِ دانشوراڻو رويو اختيار ڪرڻ بدران معذرتخواهه رويو اختيار ڪيو ويو. مسل??ان دنيا پاران ان حوالي سان گڏيل طور تي جواب نه ڏنو ويو. ان کانپوءِ تسلسل سان گستاخانا مواد ۽ ڪارٽون شايع ڪيا ويا. خوشي آهي ته پهريون ڀيرو اهو تسليم ڪيو ويو ته اسلامو فوبيا هڪ نفرت انگيز شيءَ آهي. اسان کي پنهنجي بياني کي اڳتي وٺي وڃڻ گهرجي. پاڪستان دنيا ۾ اسلام جي نالي تي قائم ٿيندڙ واحد ملڪ آهي جنهن جي قرارداد مقاصد ۾ مديني جي رياست جي بنياد تي اسلامي جمهوريه قائم ڪرڻ جو تصور ڏنو ويو. آئون مديني جي رياست جي بنياد تي فلاهي رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ سياست ۾ آيس. دنيا جي سڀ کان پهرين جديد فلاحي رياست حضرت محمد ﷺ ٺاهي. هن هڪ بهترين تهذيب ۽ اسلامي تاريخ جو بنياد رکيو. مديني جي رياست هڪ عظيم انقلاب هو. نبي پ??ڪ ﷺ رڳو مسلمانن جي لاءِ نه پر پوري امت جي لاءِ رحمت للعالمين ﷺ هئا. وزيراعظم چيو ته جن ملڪن مديني جي رياست جا اصول اختيار ڪيا انهن خوشحالي ماڻي. نبي ﷺ جي 10 سالا مديني جي زندگي ۾ رڳو 1200 ماڻهو ماريا ويا ۽ سموري عرب تي مسلمانن جي حڪمراني قائم ٿي وئي. اهو ان لاءِ ممڪن ٿيو جو اتي قانون جي حڪمراني هئي، ڪو قانون کان مٿانهون نه هو. غريب ملڪن ۾ غربت جو بنيادي سبب وائٽ ڪالر ڏوهن کي نه پڪڙڻ آهي. اتي وسيلن جي کوٽ نه آهي. گڏيل قومن جي رپورٽ موجب ساليانو 1.6 ارب ڊالر انهن ملڪن ??ان ڪڍيا وڃن ٿا، اسرندڙ ملڪن ۾ عربت وسيلن جي کوٽ جي ڪري نه ڪرپشن جي ڪري آهي. هن چيو ته قائداعظم هن ملڪ کي اصل مديني جي رياست ٺاهڻ چاهيندو هو، اولهه ۾ پنهنجي جانورن جو ايترو خيال رکيو وڇي ٿو جيترو اسان پنهنجي انسانن جو به نه ٿا ڪريون، سوئٽزرلينڊ ۾ قانون جي حڪمراني 99 سيڪڙو آهي، اتي وسيلا نه هجڻ جي باوجود دنيا جو خوشحال ملڪ آهي. جيڪو به مديني جي رياست جي ماڊل تي هلندو اهو خوشحال ٿيندو. وزيراعظم چيو ته علم مومن جي ميراث آهي. اسلام ۾ ان جي اهميت جو اندازو ان حديث ??ان ٿئي ٿو جنهن ۾ نبي ڪريم ﷺ حڪم ڏنو ته علم هاصل ڪريو ڀلي چين وڃڻو پوي. اڄ مسل??ان دنيا ان ميدان ۾ تمام گهڻو پٺتي آهي. وزيراعظم چيو ته عورتن کي انهن جو حق ڏيڻ نبي ڪريم ﷺ پاران هڪ انقلابي قدم هو. 1400 سال اڳ عورتن کي اهو حق ڏنو ويو. هي اهو نظام آهي جيڪو مديني جي رياست ڏنو. اهو اسلام هو جتي غلام بادشاهه بڻجندا هئا، ڀارت ۾ غلامن جي هڪ خاندان حڪمراني ڪئي. 600 سال اڳ برطانيا ۾ قانون جي حڪمراني جي لاءِ ميگنا ڪارٽا تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم چيو ته اولهه ۾ جيترو جانورن جو خيال رکيو وڃي ٿو اسان پنهنجي انسانن جو نه ٿا رکون. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان پ??ڪستان ۾ 70 سيڪڙو عورتن کي وراثت ۾ حق نه ٿا ڏنا وڃن. اسان ان حوالي سان قانونسازي ڪئي آهي. مديني جي رياست ۾ غلامن سان خاندان جي ڀاتين جي برابر سلوڪ ڪيو ويندو هو. وزيراعظم چيو ته او آءِ سي جو هڪ تصور اسلامي قدرن جو تحفظ هجڻ گهرجي ڇو ته اسلامي قدر جيترا هن وقت خطري ۾ آهن اڳ ۾ نه هئا. هن چيو ته جڏهن آئون وزيراعظم ب??يس ته مون پوليس چيف کان ڪرائيم جي صورتحال پڇي ته هن ٻڌايو ته جنسي ڏوهه تيزي سان وڌي رهيا آهن، فحش مواد تائين پهچ ٻارن کي به موبائيل ذريعي حاصل آهي، ان کي منهن ڏيڻ انتهائي اهم آهي، ان جا تمام گهڻا خراب اثر آهن. وزيراعظم چيو ته طلاق جي شرح ۾ اضافو اسان جي خانداني نظام کي سڌوسنئون متاثر ڪري رهيو آهي، والدين ۽ استادن جو احترام ڪرنو آهي، سوشل ميڊيا کان پنهنجي ايندڙ نسلن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ سوچڻو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ان مقصد جي لاءِ رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهي. اسان سوشل ميڊيا کي ختم نه ٿا ڪري سگهون پ?? پنهنجي نسلن کي اخلاقي طور تي مضبوط بڻائي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن ۾ ڪشمير ۽ فلسطين تي واضح قراردادون هجڻ جي باوجود اسان ان تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون. دنيا اسان کي سنجيده نه ٿي وٺي ڇو ته اسان ورهايل آهيون. ڏيڍ ارب مسل??ان آبادي انهن ناانصافين کي روڪڻ جي لاءِ آواز اٿاري ته اهو انساني حقن جو مسئلو آهي ته ڪو سبب نه آهي جو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل نه ٿئي. ڪشمير تي عالمي برادري ريفرنڊن جو واعدو ڪيو پر اها نه ڏئي رهي آهي. 5 آگسٽ تي ڀارت ڪشمير جي خصوصي حيثيت تبديل ڪري ڇڏي پ?? عامي برادري خاموش آهي. هو مسل??ان دنيا پاران ڪو دٻاءُ محسوس نه ٿا ڪن. وزيراعظم چيو ته مسل??ان ملڪن جي پ??ڏيهي پ??ليسي جدا جدا آهي جڏهن ته مرڪزي ايشوز تي اسان کي متحد ٿي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. فلسطين ۾ روزاني جي بنياد تي انساني حقن جون خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن. مسل??ان ملڪ سوشل ميڊيا جي ذريعي انهن ناانصافين بابت دنيا کي آگاهه ڪن. وزيراعظم چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪري رهيو آهي ته جيئن اڪثريت کي اقليت ۾ بدلايو وڃي، ڀارت ۽ اسرائيل کي ڪير اهڙن قدمن کان نه ٿو روڪي، دنيا مخلف بلاڪس ۾ ورهايل آهي جڏهن ته مسل??ان ملڪن کي متحد ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته 40 سالن کانپوءِ هڪ مستحڪم افغانستان جو موقعو مليو آهي. جيتري بدامني افغانين ڏٺي ايتري ڪنهن قوم ناهي ڏٺي. ان تي پ??بنديون هڻڻ ۽ ان کي تسليم نه ڪرڻ کان وڌيڪ انساني بحران ڳڻتي جوڳو آهي، انهن جي انساني بنياد تي امداد انتهائي ضروري آهي، مستحڪم افغانستان افغان سرزمين کي عالمي دهشتگردي کي روڪڻ جي لاءِ واحد رستو آهي. هن چيو ته افغاني ڪڏهن ٻاهرئين قبضي کي قبول نه ٿا ڪن، ان کي هو پنهنجي خودمختياري کي ان کان خطرو سمجهن ٿا، انهن کي ڊڪٽيٽ نه ٿو ڪري سگهجي. يوڪرين جي حوالي سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته يوڪرين جي صورتحال تي پوري دنيا وانگر اسان به پريشان آهيون، او آءِ سي جي پليٽ فارم تان سوچڻ گهرجي ته اسان ڪيئن ثالثي ڪندي جنگبندي ڪرائي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته چين جي پ??ڏيهي وزير سان ملاقات ۾ ان تي ڳالهه ڪندس ته ڪيئن ان بحران کان بچيو وڃي. پوري دنيا تي ان جا منفي اثر پوندا. تيل ۽ ڪڻڪ جون قيمتون وڌي رهيون آهن. گئس جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي. جيڪي ملڪ ان تڪرار ۾ ڌر نه آهن اهي ان پوزيشن ۾ آهن ته اهي ان تڪرار کي حل ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. هن پ??ڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي مخاطب ٿي چيو ته هو اسلامي ملڪن جي پ??ڏيهي وزيرن سان ڳالهه ڪري. وزيراعظم چيو ته پنهنجو پاڻ تي اعتماد رکندڙ ڪڏهن ناڪامي ناهي ٿيندو. اسان جي بدقسمتي آهي جو اسان ٻين طرف ڏسون ٿا ته اهي اچي اسان جي مدد ڪندا. اسان کي متحد ٿي هڪ بلاڪ وانگر اسان کي تڪرارن بدران امن جي لاءِ پنهنجي طاقت ظاهر ڪرڻ گهرجي.