اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون ٻن ڏينهن وارو اجلاس اڄ اڱاري کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو، ٻن ڏينهن واري اجلاس جو موضوع ”اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لا??ِ حصيداري“ آهي، اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن ۽ مبصر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ اعليٰ سطح جا وفد اجلاس ۾ شرڪت ڪندا جيڪي 23 مارچ جي يوم پاڪستان پريڊ ۾ اعزازي مهمان جي حيثيت سان به شرڪت ڪندا. چين جو پرڏيهي وزير خصوصي طور تي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم عمران خان اجلاس جي افتتاحي ويهڪ کي اهم خطاب ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندو، او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري، اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر سميت اهم اسلامي اڳواڻ اجلاس ۾ شرڪت لا??ِ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد پهچي ويا آهن جتي انهن جي گرمجوشي سان آجيان ڪئي وئي. او آءِ سي جي اجلاس ۾ واپاري ۽ اقتصادي رابطا ايجنڊا جو اهم نقطو آهي،ا جلاس ۾ عالمي صورتحال ۽ مسلمان امت کي درپيش چئلينجن، گڏيل يڪجهتي، علائقائي امن ۽ ترقي تي غور ڪيو ويندو، ڪانفرنس ۾ اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي غور سميت فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ۽ پر??ڻي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويندو. اسلامو فوبيا جو مسئلو ۽ ماحولياتي تبديلي جي اثرن تي به غور ڪيو ويندو، ڪانفرنس ۾ ڀارتي جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي وڌندڙ سنگين خلاف ورزين جو جائزو ورتو ويندو. ان موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير جي باري ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي رابطا گروپ جو وزارتي اجلاس به ٿيندو، سومر تي اسلامي تعاون تنظيم او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هون ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ شرڪت لا??ِ مهمانن جي آمد جو سلسلو سڄو ڏينهن جاري رهيو جتي هوائي اڏي تي انهن جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ٻن ڏينهن وارو اهو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو جنهن جي لا??ِ شاندار اتنظام مڪمل ڪيا ويا آهن، اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي هم منصبن سان ملاقاتون به ڪندو، اسلامي تعاون تنظيم او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحهٰ ۽ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت لا??ِ اسلام آباد پهچي ويو آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جي مذهبي هم آهنگي واري خصوصي صلاحڪار محمد طاهر اشرفي ۽ پرڏيهي وزارت جي عملدارن ايئرپورٽ تي سندس آجيان ڪئي، اسلامي ترقياتي بئنڪ (آءِ ڊي پي) جي صدر محمد سلمان الجاسر او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت لا??ِ صبح اسلام آباد پهتو ته اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ مذهبي هم آهنگي واري خصوصي نمائندي محمد طاهر اشرفي سندس گرمجوشي سان استقبال ڪيو. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ منظوري لا??ِ ڪيتريون ئي اهم قراردادون پيش ڪيون وينديون، اجلاس ۾ پرڏيهي نائب وزير، مستقل نمائندا، 15 مبصر ملڪن جي نمائندن سميت 675 ??ان وڌيڪ مبصرين شرڪت ڪري رهيا آهن، اجلاس جي پڄ??ڻي تي گڏيل پريس ڪانفرنس ۽ اجلاس جو پڌرنامو جاري ڪيو ويندو.