اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي عوامي ريليف پئڪيج مخالف ڌر جون ننڊون اڏائي ڇڏيون آهن، بطور اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي عمران خان جي قدمن کي ساراهڻ گهرجي ها پر اخلاقيات ۽ (ن) ليگ ٻه جدا جدا شيون آهن. شاهد خاقان عباسي جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ عوام جي ريليف تي به ڪاوڙيل نظر آئي، (ن) ل??گ جي اصل ايجنڊا آهي ڪهڙي؟. فرخ حبيب چيو ته اڄ اسان (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپشن، ڦرلٽ ۽ ادا??ن کي تباهه ڪرڻ جو خميازو ڀوڳي رهيا آهيون، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي ذميوار (ن) ليگ آهي، اسان جي ڪوششن س??ن اهو گ??ٽ ٿيو آهي، اسحاق ڊار ڊالر جي مصنوعي ڪيپنگ ڪئي. هن چيو ته پيڪا قانون (ن) ل??گ جو ٺاهيل آهي، موجوده حڪومت ته رڳو سزائون واضح ڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ جا ڪرپٽ ترين ماڻهو (ن) ل??گ جو حصو آهن، جيڪڏهن سياست ۾ ڪنهن کي بيساکي جي ضرورت آهي ته اها نواز شريف ۽ شهباز شريف کي آهي، در در جا ڌڪا کائيندڙ مخالف ڌر جي هڪ ئي خواهش آهي ته انهن کي ڪنه?? به طرح اين آر او ملي وڃي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سڀني چو??ن کي انهن جي انجام تائين پهچائي ساهه پٽيندو.