اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن جو پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جو خواب پورو ڪر?? رهي آهي، شهرن جي تمام گهڻي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ ڊگهين عمارتن جي تعمير جو ماڊل اختيار ڪي?? وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ سادي تقريب ۾ فراش ٽائون اسلام آباد جي گهٽ لاڳت ۾ اپارٽمينٽس جي قرعه اندازي جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت غريب طبقي کي پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جي خواب کي پورو ڪر?? رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گهرن جي الاٽمينٽ ۾ شفافيت کي يقيني بڻاي?? وڃي. هن چيو ته وڌندڙ آبادي ۽ شهرن جي تمام گهڻي ڦهلاءُ جي روڪڻ جي لاءِ ڊگهين عمارتن جي تعمير جي ماڊل کي اختيار ڪي?? وڃي. فراش ٽائون منصوبو نئون پاڪستان هائوسنگ ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ سي ڊي اي جي حصيداري سان مڪمل ڪيو پي?? وڃي جيڪو ٻن هزار گهٽ لاڳت وارن اپارٽمينٽس تي ٻڌل آهي. هڪ اپارٽمينٽ جي قيمت 32 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 3 لک رپيا حڪومت سبسڊي ڏيندي جنهن جي ڪري في يونٽ لاڳت 29 لک رهجي ويندي. غريب ۽ و??ولي طبقي جي لاءِ اسلام آباد ۾ پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جي خواب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم جي خصوصي دلچسپي سان اهو منصوبو مڪمل ڪيو پي?? وڃي. اپارٽمينٽس جي خريداري جي لاءِ پرائيويٽ بئنڪون آسان قسطن تي قرضن جي سهولت پڻ ڏئ?? رهيون آهن. سبسڊي جي ڪري انهن اپارٽمينٽس جي ماهوار 13000 رپيا هوندي جڏهن ته مارڪيٽ ريٽ 38000 رپيا بڻجي ٿي. پنجاب جو وڏ?? وزير سردار عثمان بوزدار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب پڻ تقريب ۾ موجود هئا.