اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي اڳوڻي صدر محمد رفيق تارڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ هو ڏک??يل خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. سينيٽ چيئرمين الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ ڏک??يل خاندان کي اهو صدمو صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي به ??ڳوڻي صدر محمد رفيق تارڙ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت، درجن جي بلندي ۽ ڏک??يل خاندان لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي آهي.