اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ادارن جي مضبوطي، شفافيت ۽ ميرٽ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان کي مضبوط، خوشحال ۽ پرامن بڻائڻ جي لاءِ سم??را وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻاهرئين ??لڪ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش مسئلن جي حل سم??ت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سم??ڊ پار پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ قدم کنيا پي?? وڃن. هن چيو ته ادارن جي مضبوطي، شفافيت ۽ ميرٽ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان کي مضبوط، خوشحال ۽ پرامن بڻائڻ جي لاءِ سم??را وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا.