اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي ۽ مجموعي ملڪي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقا?? ۾ ??ومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس جي حوالي سان اهم معا??لا پڻ بحث هيٺ آيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخا??ف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جو آئيني طريقي سان جواب ڏينداسين، مخا??ف ڌر کي عدم اعتماد جي رٿ ۾ ڪڏهن به ڪاميابي نه ملندي. هن چيو ته سمورا ات??اد?? اسان سان گڏ آهن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪن ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان وٽ مخا??ف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ جو دفاع ڪرڻ جي پوري صلاحيت موجود آهي، پي ڊي ايم جي پنهنجي صفن جي اندر ٻڌيءَ نه آهي.