اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علو?? دهشتگردي جي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي سوڳوار خاندانن کي ٽيليفون ڪئي ۽ پونئيرن سا?? تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر 17 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سيف الله خٽڪ جي گهرڀاتين کي ٽيليفون ڪئي. ٻئي طرف هن سپاهي محمد فهد ۽ تنوير احمد جي گهرڀاتين سا?? پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي هن سا?? 15 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ?? هڪ ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويا هئا. اهي ٽيليفون ص??ر معمول جي روايت تحت ڪيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ فوج جي شهيد جوانن جي گهرڀاتين سا?? تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم انهن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. صدر هن سا?? 4 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي عامر اقبال جي گهرڀاتين کي پڻ ٽيليفون ڪئي. صدر سوڳوار خاندان سا?? تعزيت جو اظهار ڪندي شهيد جوانن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ قوم جي سيڪيورٽي جي لاءِ انهن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو.