اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رو??ن جي منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته معياري رو??ن جي تعمير س??ن ڳوٺاڻن ۽ شهري علائقن جي وچ ۾ رابطا، واپار ۽ روزگار جا موقعا وڌندا، اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي انتظام هيٺ منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مواصلات وارو وفاقي وزير م??اد سعيد، منصوبابندي وارو وفاقي وزير ا??د عمر، خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل، منصوبابندي ڪميشن وارو ڊپٽي چيئرم??ن جهانزيب خان، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي چيئرمين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي، مواصلات واري وفاقي وزير م??اد سعيد چٽاڀيٽي وارو جائزو پيش ڪندي آگاهه ڪيو ته اڳوڻي حڪومت جي ٽن سالن (16 -2013ع) ۾ صرف 645 ڪلوميٽر جا روڊ تعيمر ٿيا ۽ موجوده حڪومت جي ٽن سالن ۾ ڪل 1753 ڪلوميٽر ڊگها روڊ مڪمل ٿي چڪا آهن، منصوبابندي جي حوالي سان گذريل حڪومت جي دور جي ٽن سال ۾ صرف 858 ڪلوميٽر جڏهن ته موجوده حڪومت جي ٽن سالن ۾ 6118 ڪلوميٽر ڊگهائي تي مشتمل رو??ن جي منصوبابندي مڪمل ڪئي وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي 27 منصوبا مڪمل ڪري وٺندي، بلوچستان ۾ 3 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ جي رو??ن جي تعمير ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم جي پاڻ ڀاڙڻ جي ويزن موجب منصوبا قرضن بدران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي مڪمل ڪيا پيا وڃن، اجلاس کي راولپنڊي کان کاريان، ميانوالي کان مظفر ڳڙهه ۽ حيدرآباد کان سکر روڊن تي اڳڀرائي جي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته معاشي ترقي ۾ رو??ن جو اهم ترين ڪردار آهي، هن چيو ته معياري رو??ن جي تياري سان ڳوٺن ۽ شهري علائقن جي وچ ۾ رابطا، واپار ۽ روزگار جا موقعا وڌندا، بهترين رو??ن جي ڪري گاڏ??ن جي مرمت ۽ پيٽروليم منصوعات جي درآمد جي خرچ به گهٽ ٿي ويندا. وزيراعظم چيو ته مواصلات جي اهم ۽ وڏن منصوبن تي روزاني جي بنياد تي اڳڀرائي جو پاڻ جائزو وٺندس. هن هدايت ڪئي ته منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي.